پاڻيءَ جو نانگ

پاڻيءَ جو نانگ

پاڻيءَ جو نانگ

پاڻيءَ جو نانگ: هي نانگ، نانگن جي جنس Homalopsin مان آهي. هنن نانگن جي خاص سڃاڻپ اها آهي ته انهن جون ناسون سامهون ۽ مٿي هونديون آهن. هنن جي نڪ جو ڇلر پوئين ڇلرن کان وڏو ٿئي ٿو. هيءَ پاڻيءَ ۾ رهندڙ نانگن جو هڪ نسل آهي، جنهن جي هڪ جنس سنڌ ۾ به رهي ٿي. هن ڪٽنب ۾ Enhydris جنس جي ناسن جي چوڌاري والو (Volves) آهن، جيڪي پاڻيءَ کي ناسن ۾ گــهڙڻ کان روڪـيـندا آهـن. (Enhydris Pakistanica) نانگ 0.5 کان 0.6 ميٽر ڊگهو هوندو آهي، ان جو پڇ 70 کان 100 ملي ميٽر ٿئي ٿو. هندستان ۾ هن جنس کي ’لسو پاڻيءَ جو نانگ‘ (Smooth Water Snake) سڏيندا آهن جنهن جي نر جي وڌ ۾ وڌ ڊيگهه 0.90 ۽ مادي نانگ جي ڊيگهه 0.96 رڪارڊ ڪئي وئي آهي. هي نانگ مضبوط جسم جو آهي، پر ان جي کل ڍري ٿئي ٿي. هن نانگ جو مٿو ننڍو هوندو آهي. ڇلر لسا، نرم ۽ چمڪيلا ٿين ٿا. جسم تي ڇلرن جون 28 کان 30 قطارون ٿينس ٿيون. هي نانگ ڏينهن جو سرگرم هوندو آهي. مڇيون ۽ ڏيڏر کائي ٿو ۽ پاڻيءَ مان ٻاهر نه نڪرندو آهي. سياري ۾ ڍنڍن جي ڪناري ڏرن ۽ سوراخن ۾ رهندو آهي. زمين تي بيچين رهندو آهي، عام طور آبي ٻوٽن ۾ وڃي لڪندو آهي. ٻين نانگن وانگر گهڙيءَ گهڙيءَ زبان ٻاهر نه ڪڍندو آهي. پڪڙجڻ تي چڪ نه هڻندو آهي. سنڌ ۾ خاص ڪري لاڙ ۾ درياهن سان لاڳاپيل ڍنڍن، ڍورن ۽ تلائن ۾ رهي ٿو ۽ وڏي تعداد ۾ موجود هوندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو